9 مئي ڪيس: عمران خان کان جاچ لاءِ لاهور پوليس جي ٽيم اڊيالا جيل پهچي وئي

راولپنڊي: لاهور پوليس جي 12 رڪني جاچ ٽيم پي ٽي آءِ باني عمران خان کان 9 مئي جي 12 ڪيسن جي جاچ لاءِ اڄ ٻيهر اڊيالا جيل پهچي وئي.

گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ باني عمران خان لاهور پوليس جي ٽيم کان تعاون نه ڪيو هو. باني پي ٽي آءِ وڪيلن جي موجودگي ۾ جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي شرط رکي هئي.

لاهور پوليس جي ٽيم 12 انسپيڪٽرز تي ٻڌل آهي، پوليس ٽيم جي سربراهي ڊي ايس پي جاويد آصف ڪري رهيو آهي، لاهور پوليس اڄ اڊيالا جيل ۾ عمران خان جا 3 ٽيسٽ ڪندي، پي ٽي آءِباني جو پولي گرافڪ، وائس مچنگ ۽ فوٽو گراميٽري ٽيسٽ ڪيو ويندو.

ياد رهي ته اي ٽي سي لاهور پي ٽي آءِ باني عمران خان جو 25 جولاءِ تائين جسماني ريمانڊ منظور ڪري رکيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔