جي ايڇ ڪيو سامهون احتجاج جو اعتراف: پ پ عمران خان کان معافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي جي ايڇ ڪيو جي سامهون احتجاج جو سڏ ڏيڻ جي اعتراف تي رد عمل ڏيندي پي ٽي آءِ باني کان تحريڪ انصاف کان معافي گهرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته عمران خان آخرڪار مڃي ورتو ته هن جي ايڇ ڪيو جي سامهون احتجاج جو سڏ ڏنو هو ۽ اهو اعتراف ڏوهه نه آهي ته ٻيو ڇا آهي“ هي لاڳيتو پرتشدد احتجاج جو ذميوار ادارن ۽ حڪومت مٿان هڻي رهيا هئا

هن چيو ته پنهنجي گرفتاري کان بچڻ جي لاءِ عمران خان حساس ادارن کي نشانو بنايو، ڇا ادارن ۽ شهيدن تي حملي جو سڏ ڏيڻ جو اعتراف ڪافي نه آهي؟ پي ٽي آءِ باني کي پنهنجي ڏوهه تي معافي گهرڻ گهرجي.

شيري رحمان ٻڌايو ته عمران خان پرڏيهي ملڪن جي ميگزينن ۽ اخبارن ۾ انٽرويو ڏئي چوندو آهي ته کيس ٽيررسٽ سيل ۾ رکيو ويو آهي. ماضي ۾ ڪنهن به اڳواڻن کي جيل مان وڊيو لنڪ ۽ انٽرويو جي سهوليت نه ملي.

هن سوال اٿاريو ته اڳوڻو وزيراعظم ماضي ۾ پنهنجي فسطانيت وساري ويٺو آهي؟ مخالفن کان جيلن ۾ سهولتون ڦريندڙ اڄ پنهنجي لاءِ سهولتون گهري رهيو آهي کيس اڄ جيل ۾ هر سهوليت مليل آهي.

ان کان علاوه پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه ملڪي حالتن ۽ عالمي لاڳاپن کي خراب ڪرڻ پي ٽي آءِ جي سوچيل سمجهيل سازش قرار ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان کي عسڪري عمارتن ۽ ٺڪاڻن تي حملن جو اعتراف تمام وقت اڳ ڪرڻ گهرجي ها. هن ملڪ ۾ نفرت ۽ تشدد جي سياست جي بنياد رکي.

خورشيد شاهه ٻڌايو ته پي ٽي آءِ کي منفي سياست ختم ڪري مثبت سياست جي شروعات ڪرڻ گهرجي. ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سياسي پارٽين ۾ هم آهنگي ضروري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔