9 مئي جي ڏوهارين منصوبه تيار ڪرڻ ۽ سهولتڪاري جو اعتراف ڪري ورتو آهي:مريم نواز

لاهور: پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته 9 مئي جي ماسٽر مائنڊ منصوبه تيار ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته 9 مئي جي ڏوهارين منصوبه تيار ڪرڻ ۽ سهولتڪاري جو اعتراف ڪري ورتو آهي، هي پارٽي نه پر انتشاري ٽولو آهي جنهن جو مقصد صرف ۽ صرف شرپسندي جي ذريعي رياست کي نقصان پهچائڻ آهي

هن چيو ته زمان پارڪ دهشتگردن جو تربيتي هيڊ ڪوارٽر ٺهيل رهيو، پيٽرول بم ٺاهڻ ۽ رياست تي حملي جي تربيت ڏني ويندي آهي، 4 مهينا ٽنگ تي پلستر ٻڌڻ جي ڊرامي دوران 9 مئي جي منصوبه بندي ڪئي وئي.

مريم نواز چيو ته اهو ڪهڙو پرامن احتجاج هو جنهن ۾ 200 کان وڌيڪ فوجي ٺڪاڻن تي حملا ٿيا، ايئرفورس جي جهازن کي باهيون ڏنيون ويون، ڪور ڪمانڊر هائوس ساڙيا ويا، شهيدن جي يادگار جي توهين ڪئي وئي.

پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته پاڪستان کي ڊيفالٽ ڪرائڻ، آءِ ايم ايف کي خط لکڻ، سائفر لهراڻ جون سازشون، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي انهي وڏي سازش جو حصو آهي، شاهدين ۽ ثبوتن جي موجودگي ۾ آئين ۽ قانون تي عمل ڪندي انهي شرپسند، انتشاري ٽولي جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ ملڪي سلامتي ۽ قومي مفادن جي گهرج آهي.

هن چيو ته هي اهوئي سازشي گروپ آهي جنهن دوستن ملڪن کي پاڪستان کان پري ڪيو، انهن جي قيادت خلاف بدزباني ڪئي، سي پيڪ ۽ چين تي بي بنياد الزام لڳايا، ڌرڻي سبب چين جي صدر جو دورو ملتوي ڪيو ويو.

مريم نواز وڌيڪ چيو ته انهي انتشاري ٽولي 2014 ۾ پارليامينٽ، پي ٽي وي ۽ وزيراعظم هائوس تي حملا ڪيا، پوليس جا مٿا ڦاڙيا ويا، سپريم ڪورٽ جي ڀتين تي ڪپڙا ڌوئي سڪايا ويا، ڊي چوڪ تي قبرون کوٽيون ويون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔