پي ٽي آءِ تي پابندي بابت ڪوٺايل وفاقي ڪابينا جو اجلاس ملتوي

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو سڀاڻي رٿيل اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس طلب ڪيو هو جنهن ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف تي پابندي بابت منظوري وٺڻي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان، اڳوڻي صدر عارف علوي ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف آرٽيڪل ڇهه تحت ڪارروائي جي منظوري به وٺڻي هئي.
پر هاڻ اطلاع آهن ته سڀاڻي وزيراعظم جي صدارت هيٺ رٿيل اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔