9 مئي جي ذميوارن کي سزا نه ڏني وئي ته ملڪ ڏڦيڙن جي ور چڙهي ويندو: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي : ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو آهي ته سياسي مافيا چاهي ٿو ته عزم استحڪام کي تڪراري بڻايو وڃي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ويجهڙائي واري عرصي دوران هٿياربند فوج خلاف منظم پروپئگنڊا ۽ ڪوڙين خبرن ۾ اضافو ٿيو آهي انڪري انهن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ضروري آهي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته هلندڙ سال سيڪيورٽي فورسز 22409 انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ڪيا، آپريشنز دوران 31 انتهائي گهربل دهشتگرد ماريا ويا، اداري روزاني بنيادن تي 112 آپريشنز ڪيا ويا.
هن چيو ته عزم استحڪام تي 22 جون تي نيشنل ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ لاڳاپيل وزيرن، چئني صوبن جي وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽريز شرڪت ڪئي ۽ سمورا سروسز چيف به موجود هئا، ايپڪس ڪميٽي اجلاس جي هڪ پڌرائي جاري ٿي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته اسان کي هڪ قومي اتفاق راءِ سان دهشتگردي جي خاتمي جي پاليسي جوڙڻي پوندي.
هن چيو ته انتهائي سنجيدا معاملن کي سياست جي ور چاڙهيو پيو وڃي، عزم استحڪام ان جو مثال آهي، عزم استحڪام فوجي آپريشن ناهي پر دهشتگردي خلاف هڪ مضبوط مهم آهي، عزم استحڪام کي تڪرار ڇو پيو بڻايو وڃي؟
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته هڪ مضبوط لابي آهي جيڪا چاهي ٿي ته عزم استحڪام جا مقصد پورا نه ٿين، عزم استحڪام تي سياست ڪئي پئي وڃي، ڇو ته هڪ مافيا، سياسي مافيا ۽ غيرقانوني مافيا مخالفت ڪري رهي آهي ۽ چوڻ لڳي آهي ته اسان آپريشن عزم استحڪام ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين، اِها سياسي مافيا چاهي ٿي ته عزم استحڪام کي تڪراري بڻايو وڃي.
هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ شدت سان وڙهي ويندي، چار کان پنج آپريشن اسان هر ڪلاڪ ۾ ڪري رهيا آهيون، اٽڪل 32 هزار کان وڌيڪ مدرسا پاڪستان ۾ آهن، 16 هزار مدرسا رجسٽرڊ آهن ان کانسواءِ ٻيا مدرسا ڪٿي آهن ڪير هلايو رهيو آهي، پنجاهه سيڪڙو مدرسا رجسٽرڊ ناهن ڇا اِهو فوج کي ڪرڻا آهن؟
سندس چوڻ هوته افغانستان ڇهن ملڪن جي سرحد لڳي ٿي جنهن ۾ پاڪستان کانسواءِ باقي 5 پنجن ۾ پاسپورٽ ذريعي اچ وڃ آهي، پاڪستان جي سرحد کي سڃاڻپ ڪارڊ جي بنياد تي سوفٽ بارڊر ڇو رکيو پيو وڃي؟ حڪومت ون ڊاڪيومينٽ رجيم پاسپورٽ لاڳو ڪيو ته ان جي خلاف احتجاج شروع ٿي ويو، احتجاج ڪندڙن جو هڪ ئي مطالبو آهي اسان کي اسمگلنگ ڪرڻ ڏيو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته بنون ڇانوڻي تي حملي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ سبب ڪجهه شهري به شهيد ٿيا، بنون امن مارچ ۾ ڪجهه ماڻهن رياست ۽ فوج خلاف نعريبازي ڪئي ۽ پٿراءُ ڪيو، هجوم ۾ ڪجهه هٿياربند ماڻهو شامل هئا، اتي راشن جي ٽرڪ ڦري وئي، واقعي سبب هڪ ڪلوميٽر پري ڪجهه ماڻهن فائرنگ ڪئي، بنون واقعي تي فوج جي جوابي ڪارروائي ايس او پي ۽ آرڊر مطابق هئي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته 9 مئي کانپوءِ وڳوڙي ٽولي چيو هو ته فوج ماڻهن کي ڇو نه روڪيو گولي ڇو هلائي؟ بيانيو هلايو ويو ته فوج گولي نه هلائي ڇو ته اِهي فوج جا ماڻهو هئا، فوجي ٿاڪن تي ڪو شرپسند ايندو آهي ته پهريان وارننگ ڏني ويندي آهي ۽ هوائي فائرنگ ڪئي ويندي آهي ۽ پوءِ جيئن صورتحال کي منهن ڏنو ويندو آهي ائين ڪيو ويو .
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اِهو سڀ انڪري ٿيو جو 9 مئي جي رٿابندي ڪندڙن کي جيستائين سزا نه ڏني ويندي ملڪ ۾ انتشار ۽ فسطائيت وڌيڪ پکڙجي ويندي، دهشتگردن سان گڏ ڊجيٽل دهشتگرد هئا ۽ واقعي کانپوءِ پراڻيون تصويرون ڪڍي پروپئگنڊا ڪئي وئي جيتوڻيڪ امن امان جي صورتحال قائم رکڻ فوج جي نه صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔