زندگي ۾ هاڻي ڪو به مرد ناهي، صفا اڪيلي آهيان: سُشميتا سين

ممبئي : ڀارت جي سينيئر اداڪارا ۽ اڳوڻي سونهن راڻي سُشميتا سين چيو آهي ته سندس زندگي ۾ هاڻي ڪو مرد ناهي ۽ هوءَ 2021ع کان اڪيلي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، سشميتا سين جي اڳوڻي بواءِ فرينڊ روهمن شاول سان سندس لاڳاپن جي حوالي سان خبرون اچي رهيون آهن هوءَ ساڻس ڊيٽنگ ۾ رڌل آهي.
پر هاڻ اداڪارا اهڙي قسم جي خبرن کي افواهه قرار ڏيندي چيو آهي ته هو ڪجهه سالن کان اڪيلي آهي.
سشميتا سين پنهنجي ذاتي زندگي بابت هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران چيو ته هوءَ ڊگهي عرصي کان صفا اڪيلي ۽ خوش آهي.
هن چيو ته سندس زندگي ۾ ڪو مرد ناهي، منهنجي زندگي ۾ ڪجهه انتهائي سٺا ماڻهو موجود رهيا آهن جيڪي منهنجا دوست آهن .
ميزبان کائنس پڇيو ته ڇا هوءَ ڪنهن پسند ڪري ٿي جنهن جي جواب ۾ سشميتا چيو ته هن وقت ڪنهن به دلچسپي ناهي.
ياد رهي ته سشميتا سين روهمن سان لاڳاپن ۾ هئي، هن روهمن سان ڊسمبر 2021 ۾ عليحدگي جو اعلان ڪيو هو، پر ان باوجود هو مختلف تقريبن ۾ گڏ نظر ايندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔