شاهنواز ڏاهاڻي جي شاندار بالنگ، پاڪستان شاهنيز بنگلاديش اي کي مات ڏئي ڇڏي

ڊارون : پاڪستان شاهينز بنگلاديش کي چئن ڏينهن واري ميچ 148 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
آسٽريليا جي شهر ڊارون جي ڊي ايڪس ايرينا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش اي کي کٽڻ لاءِ 428 رنسن جو هدف مليو، مهراڻ ممتاز ۽ شاهنواز ڏاهاڻي جي زبردست بالنگ جي نتيجي سموري بنگلاديشي ٽيم 279 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
پاڪستان شاهينز طرفان مهراڻ ممتاز چار ۽ شاهنواز ڏاهاڻي ٽي وڪيٽون ورتيون.
بنگلاديش اي ميچ جي آخري ڏينهن بنا ڪنهن وڪيٽ جي نقصان تي ٻي اننگز شروع ڪئي، ٻي اننگز ۾ بنگلاديش اي جي اميت حسن 14 چوڪن جي مدد سان 71 رنسون اسڪور ڪيون، پرويز حسين 57 رنسون ٺاهيون سندس اننگز ۾ ڇهه چوڪا ۽ ٻه ڇڪا شامل هئا.
ان کان اڳ پاڪستان شاهينز پهرين اننگز ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 467 رنز تي ڊڪليئر ڪئي هئي جنهن ۾ محمد هريرا 218 ۽ ڪامران غلام 100 رنز جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي، جڏهن ته ٻي اننگز 226 رنز 3 رانديگر آئوٽ تي ڊڪليئر ڪئي جنهن ۾ عمر بن يوسف ناقابلِ شڪست سينچري اسڪور ڪئي جڏهن ته مبصر خان 95 رنسون ٺاهيون.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي چئن ڏينهن واري ميچ جمعي کان شروع ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔