سرڪاري ملازمن لاءِ ڪنٽري بيوٽري پينشن اسڪيم منظور

اسلام آباد : ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ پينشن فنڊ جي قيام جي منظوري ڏني وئي.ان حوالي سان جاري ڪيل پڌرائي موجب پهرين جولاءِ 2024ع کان سرڪاري ملازمن لاءِ ڪنٽريبيوٽري پينشن اسڪيم جي منظوري ڏني وئي آهي.هٿياربند فوجن لاءِ امدادي پينشن اسڪيم 1 جولاءِ 2025 کان لاڳو ٿيندي.اعلان موجب يونيورسل سروس فنڊ ۾ 11 ارب کان وڌيڪ رقم واپس ڪئي وئي ۽ ريلوي واري وزارت جي التوا ۾ 2 ارب رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏني وئي.اي سي سي اجلاس ۾ ايف بي آر جي پرڏيهي منصوبن جا بقايا ادا ڪرڻ لاءِ 4 ارب 22 ڪروڙ کان وڌيڪ جي گرانٽ جي منظوري پڻ ڏني وئي.ستين آدمشماري جا بقايا ادا ڪرڻ لاءِ منصوبابندي واري وزارت کي 7 ارب 98 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي گرانٽ جي منظوري ڏني وئي ۽ سنڌ حڪومت جي بقايائن جي ادائيگي لاءِ 12.1 ارب رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. ان کان علاوه اي جي پي آر جي فوجي اڪائونٽس ۽ پينشن جي ادائيگي لاءِ 8 ارب 62 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي گرانٽ جي به منظوري ڏني وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔