گوگل ٽرانسليٽ ۾ 100 کان وڌيڪ نيون ٻوليون شامل

واشنگٽن : ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل ٻولين جي ترجمي جي پنهنجي سروس گوگل ٽرانسليٽ ۾ 110 وڌيڪ ٻولين جي واڌ جو اعلان ڪيو آهي.ڪمپني طرفان بلاگ پوسٽ ۾ نئين ٻولين جي واڌ جو اعلان ڪندي چيو ويو ته گوگل ٽرانسليٽ ٻولين جون رڪاوٽون ٽوڙيندو آهي ته جيئن ماڻهن کي پنهنجي ڀرپاسي دنيا سان جڙيو رهڻ ۽ سٺي طريقي ۾ سمجهڻ لاءِ مدد ملي سگهي.گوگل طرفان نئين ٻولين ۾ پنجابي، شاهه مکي، بلوچي،دري،افار ڪينٽونير، مينڪس ۽ ٻيون ٻوليون شامل آهن.پنجابي ٻولي جي باري ۾ گوگل جو چوڻ آهي ته اها فارسي، عربي رسم الخط ۾ لکي ويندڙ پنجابي جي هڪ قسم آهي ۽ پاڪستان ۾ سڀ کان گهڻو ڳالهائي ويندڙ ٻولي به آهي.ڪمپني موجب نئين شامل ڪيل ٻوليون دنيا ۾ 61 ڪروڙ 40 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڳالهائيندا آهن يا دنيا جي لڳ ڀڳ 8 سيڪڙو آبادي جي نمائندگي ڪنديون آهن.گوگل ٽرانسليٽ ۾ 110 ٻولين کي شامل ڪرڻ آرٽيفشل انٽيليجنس جي ذريعي هڪ هزار ٻولين کي سپورٽ ڪرڻ جي انهي قدم جو حصو آهي، جنهن جو اعلان 2022ع ۾ ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔