انگلينڊکي شڪست ڏئي ڀارت فائنل ۾ پهچي ويو

نيويارڪ: آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڀارت دفاعي چيمپيئن انگلينڊ کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڀارت 172 رنسن جي هدف جو دفاع ڪندي انگلينڊ کي 68 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ڀارت مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 171 رنسون ٺاهيون، ڪپتان روهت شرما 57 رنسون ٺاهيون. انگلينڊ جي ٽيم 16.4 اوورن ۾ 103 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ دفاعي چيمپيئن انگلينڊ ۽ ڀارت جون ٽيمون گيانا ۾ آمهون سامهون آهن، ٽاس برسات سبب دير سان ٿيو.جڏهن ته اٽڪل اڌ ڪلاڪ جي دير کانپوءِ ٽاس ٿيو ۽ انگلينڊ جي ڪپتان جوس بٽلر ٽاس کٽي ڀارت کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.جڏهن ڀارت مقرر 8 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 65 رنسون ٺاهيون ته برسات سبب ميچ روڪي وئي ۽ پچ کي ڍورن سان ڍڪيو ويو پر ڪجهه دير کانپوءِ ميچ ٻيهر شروع ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔