هن سال ڪو به امتحان نه ٿيندو: سعيد غني

ڪراچي :سنڌ جي صوبائي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڏهين ۽ ٻارهين درجي جي شاگردن کي 3 سيڪڙو اضافي مارڪس ڏئي پاس ڪيو ويندو.هن چيو ته سنڌ ۾ مڙني پيپرز ۾ فيل ٿيل شاگردن کي به پاس ڪيو ويندو، هن سال ڪو به امتحان نه ٿيندو. سعيد غني پي ٽي آءِ جي الزامن تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته کنڊ اسڪينڊل جي رپورٽ ۾ وزيراعظم ۽ سندس وزيرن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اپوزيشن تي تنقيد ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اِي سي سي کانپوءِ وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، اُن تي ڪير جواب ئي نٿو ڏئي. صوبائي وزير چيو آهي ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ کي ڪرپشن نه، پر اپوزيشن کي ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته پي ٽي آءِ پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ خلاف ڪم ڪري رهي آهي، کنڊ اسڪينڊل جو ذميوار وزيراعظم آهي، ان کان پڇاڻو ڇو نه ٿيو؟. سعيد غني چيو آهي ته وزيراعظم نه فرشتو آهي نه آسمان مان لٿو آهي، ڪميشن رپورٽ بعد به نيب خاموش آهي.صوبائي وزير چيو آهي ته نيب اسد عمر، حفيظ شيخ ۽ رزاق دائود ۾ هٿ ڇو نه ٿو وجهي، نيب نيازي ڳٺ جوڙ جو مقصد ڪرپشن نه اپوزيشن جو خاتمو آهي. هن چيو ته نالائق وزيراعظم سمنڊ پار پاڪستانين کي به بخش نه ڪيو، ٻڌايو وڃي ته سمنڊ پار پاڪستانين وٽان گهڻي فنڊريزنگ ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔