لاهور جي اسپتالن ۾ ڪورونا جي مريضن لاءِ جڳهه ختم ٿي وئي: سليم مانڊوي والا

اسلام آباد: سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي جنهن سبب اسپتالن ۾ هاڻ جڳهه به ناهي رهي.

هن چيو ته ڪراچي، اسلام آباد ۽ لاهور جي اسپتالن ۾ هن وقت وڌيڪ مريضن لاءِ جڳهه ناهي رهي. اسپتالن ۾ گنجائش نه هجڻ سبب انتظاميه مريضن کي گهر موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته اسپتالن جي اها حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ حڪومت هن مسئلي طرف ڌيان نه پئي ڏئي. هن مطالبو ڪيو ته حالتن تي فوري طور تي قابو ڪرڻ لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن.

صحت واري وزارت ان حوالي سان چيو آهي ته شروع ۾ ڪيسن ۾ اضافي جي رفتار سست هئي پر هاڻ ان ۾ تيزي اچي وئي آهي. اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.

پاڪسان ۾ ڪورونا ڪيس هڪ لک تائين پهچڻ جو امڪان آهي ۽ جون ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪيس سامهون ايندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔