ڪورونا لاڪ ڊائون جي ڪابه حڪمت عملي ناهي: احسن اقبال

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڪورونا لاڪ ڊائون جي ڪابه حڪمت عملي نظر نه پئي اچي  ملڪ جي معيشت تباهه ٿي وئي آهي.

صحافين سان ڳالهين دوران تحريڪ انصاف جي حڪومت تي تنقيد ڪندي هن چيو ته اسان جي پرڏيهي پاليسي مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. حڪومت او اءِ سي اجلاس ۾ ڀارت جي خلاف آزاد ڪشمير جي قرارداد پيش ڪرڻ ۾ به ناڪام رهي آهي.

هن چيو ته حڪومت فوري طور تي ماڪڙ کان ڇوٽڪاري وارو اسپري نه ڪري 8 سئو ارب جو نقصان ڪيو آهي. حڪومت شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.  هن چيو ته ملڪ جي معيشت تباهه ۽ ترقي  داءُ تي لڳي چڪي آهي.

احسن اقبال وڌيڪ چيو ته حڪومت نيب گردي جي ذريعي اپوزيشن جي خلاف ڪارروائين کان علاوه ڪجهه به نٿي ڪري ڪوڙا ڪيس  داخل ٿين يا اسان گرفتار ٿيون پر سچ ڳالهائڻ کان پوئتي نه هٽنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔