ڊاڪٽر سيمي جمالي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

ڪراچي: جناح اسپتال جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيمي جمالي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

ڊاڪٽر سيمي جمالي پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ لکيو آهي ته گذريل ڏينهن کان مختلف نيوز چينلن تي اها خبر هلي رهي آهي ته مان(ڊاڪٽر سيمي جمالي) سخت بيمار آهيان ۽ مون کي ڪورونا ٿي ويو آهي. جڏهن ته اها مڪمل طور تي ڪوڙي خبر آهي.

جناح اسپتال جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر چيو ته اهڙو ڪجهه به ناهي رب پاڪ جا احسان آهن مان بالڪل ٺيڪ آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔