ڪرڪيٽ ٽيم ۾ وڏي سرجري جي ضرورت آهي، نقوي

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته قومي ٽيم کي ننڍي نه پر وڏي سرجري جي ضرورت آهي، وقت اچي ويو آهي ته ٻاهر ويٺل رانديگرن کي موقعو ڏنو وڃي. ميچ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي محسن نقوي ڀارت خلاف وڏي ميچ ۾ قومي ٽيم جي شڪست تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته اڄوڪي شڪست هر لحاظ کان مايوس ڪندڙ آهي، پاڪستاني ڪرڪيٽ هن وقت پنهنجي هيٺين سطح تي آهي. هن چيو ته لڳي رهيو هو ته ڪرڪيٽ ٽيم ننڍڙي سرجري سان ٺيڪ ٿي ويندي پر اڄ جي انتهائي خراب ڪارڪردگي کانپوءِ يقين آهي ته ٽيم ۾ وڏي سرجري جي ضرورت آهي. چيئرمين پي سي بي چيو ته قوم جلد وڏي تبديلي ڏسندي، اسان جو سڀ کان وڏو چئلينج ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ آهي. مونکي سڄي خبر آهي ته ٽيم ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ٽيم ڇو هارايو آهي؟ ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بيٽسمينن جي لاپرواهي ۽ غير ذميواري سبب پاڪستان کٽيل ميچ هارائي ويو. پاڪستاني بيٽسمين ڀارت خلاف 120 رنسن جو هدف به حاصل نه ڪري سگهيا. فخر زمان، شاداب خان، عماد وسيم کي جڏهن سنگل اسڪور ڪرڻو هو ته هنن وڏا شاٽ کيڏيا ۽ جڏهن کين شاٽ کيڏڻو هو ان وقت سنگل رنز ورتيون. ڀارت اها ميچ 6 رنسن تان کٽي ورتي ۽ پاڪستان جي سپر ايٽ ۾ پهچڻ لڳ ڀڳ ناممڪن بڻائي ڇڏيو جيڪڏهن آمريڪا آئرلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي ته پاڪستان جو ورلڊ ڪپ جو سفر ختم ٿي سگهي ٿو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔