شيخ رشيد آرمي چيف کان عام معافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

راولپنڊي: اڳوڻي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد آرمي چيف جنرل عاصم منير کان عام معافي جي اعلان جو مطالبو ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ماڻهو اهڙن ڪيسز جي شڪل ۾ مري ويا آهن، سمورن بي گناهن کي عام معافي ملڻ گهرجي.

شيخ رشيد ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سياست نٿي ٿي سگهي  ڇو ته فارم 45 ۽ 47 جو جهيڙو وڏي کڏي ۾ ڪيرائي ڇڏيندو، معيشت جي تباهي ملڪ کي ڏيوالپڻي جو شڪار ڪري ڇڏيندي، عاليه ۽ صنم جاويد کي روزاني جيلن جا چڪر ڪٽرايا پيا وڃن.

هن چيو ته مان آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ کان اپيل ڪريان ٿو ته بي گناهه ماڻهن کي عافي معافي ڏيو، هي صرف چوڻ جا ڪيس آهن، جڏهن ماڻهو صبح جو ڪورٽ اچي شام گهر جو گهر ويندو آهي ته کيس خبر پئجي ويندي آهي، موجوده حڪومت جي حيثيت گنگو تيلي کان وڌيڪ نه آهي

شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته سموري آءِ ايل ايف کي سلام پيش ڪريان ٿو، ٻيا ماڻهو ڪمپني جي مشهوري ڪري رهيا آهن، مني لانڊرنگ جي پئسن مان پي ٽي آءِ جي حڪومت خلاف عدم اعتماد ٿيو. شهيد بينظير ڀٽو بهتر هئي جنهن پهرين مهيني ئي اسان کي 7 سال قيد ڏئي ڇڏي هئي، يحيٰ خان جي ڪورٽ مارشل جي سزا بهتر هئي جنهن هڪ سال قيد ۽ 20 ڪوڙن جي سزا ڏني هئي. پي ٽي آءِ ڪارڪنن وٽ 2 هزار روپيه به ڏيڻ جي لاءِ نه آهن.

پاڪ ڀارت ميچ جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته اڄ افسوس جو ڏينهن آهي. اسان کي هارائڻو ئي هو، هي کدڙن فقيرن سان ڪرڪيٽ کيڏن ها ته اتي به هنن کي شڪست ملي ها، پاڪستاني عوام جي جذبات کي مجروح ڪيو ويو آهي. ڪالهه فائنل ميچ هو جنهن ۾ اسان کي شڪست ملي آهي.

اڳوڻي گهرو وزير چيو ته 500 ماڻهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ اڊيالا جيل ۾ رکيو ويو آهي، هن عيد تي بي گناهه ماڻهن کي آزادي ملڻ گهرجي. جيستائين بيگناهه ماڻهو جيلن مان نه نڪرندا عزت جي خواهشمندن کي عزت نه ملندي.

هڪ سوال جي جواب ۾ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته نوازشريف هاڻ مون جيان سائيڊ تي رهي مون سياست کان پاسو ناهي ڪيو پر 2 مهينن تائين سائيڊ تي آهيان.

شيخ رشيد چيو ته 2 مهينا سياسي طور تي اهم آهن هنن 2 مهينن ۾ چور ۽ ڦورن جي سياست جو فيصلو ٿيندو هن ڀيري عيد کان پوءِ قرباني ٿيندي ۽ کل سميت ٿندي. ڪاسائي جو انتظام ٿي ويو آهي. اڳوڻي وفاقي وزير وزيراعظم شهباز شريف جي پرڏيهي دورن تي ڳالهائيندي چيو ته حڪومت کي نه يو اي اي، نه سعودي عرب ۽ نه ئي وري چين مان پئسا مليا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔