آزادي مارچ ڪيس: عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي 2 ڪيسن مان بري

اسلام آباد: عدالت آزادي مارچ جي دوران ڀڃ ڊاهه ۽ قلم 144 جي خلاف 2 ڪيسن ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي بري ڪري ڇڏيو.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي قيادت خلاف آزادي مارچ جي دوران ڀڃ ڊاهه ۽ قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي داخل ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي.

علي محمد خان ۽ اسد عمر پنهنجي وڪيلن نعيم حيدر پنجوتها، سردار مصروف ايڊووڪيٽ ۽ آمنه علي ايڊووڪيٽ سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيون.

جوڊيشل مئجسٽريٽ احتشام بريت جي درخواستن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عمران خان، شاهه محمود قريشي سميت اسد عمر، علي محمد خان، مراد سعيد کي به ڪيسن مان بري ڪيو ويو.

ياد رهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان، شاهه محمود قريشي ۽ ٻين اڳواڻن خلاف گولڙه ٿاڻي ۾ 2 ڪيس داخل ٿيل هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔