سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم اڄ کان شروع ٿيندي

ڪراچي: سنڌ صوبي جي مختلف شهرن ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم جي شروعات اڄ کان ٿيندي.

پوليو کان بچاءُ واري مهم 3 کان 9 جون تائين جاري رهندي جنهن ۾ تقريبن 54 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا.

پوليو کان بچاءُ جي مهم دوران 35 هزار کان وڌيڪ ورڪر حصو وٺندا ۽ 4 هزار کان وڌيڪ اهلڪار پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر هوندا.

لاهور، راولپنڊي، فيصل آباد، ملتان، ميانوالي ۽ اوڪاڙه ۾ به اڄ کان پوليو کان بچاءُ جي مهم شروع ڪئي ويندي.

پوليو کان بچاءُ واري پروگرام جي سربراهه خبردار ڪيو آهي ته گرمين جو موسم پوليو وائرس جي لاءِ انتهائي سازگار هوندو آهي، گرم موسم ۾ پوليو وڌيڪ پکڙجڻ جو امڪان آهي. ان ڪري والدين پنهنجن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔