ڪرڪيٽ آسٽريليا جو پاڪستان فين زونز جي ٽڪيٽن جو اعلان

برسلز : ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان فين زونز جي ٽڪيٽن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.سڀني هنڌن لاءِ فين زون ٽڪيٽن جي قيمت 30 AUD کان 45 AUD ۽ ميلبورن ODI لاءِ پاڪستان فين زون جي ٽڪيٽن جي قيمت 30 AUD هوندي.ان کان علاوه ايڊيليڊ ۽ پرٿ ون ڊي ميچن جي ٽڪيٽن جي قيمت 45 ڊالر آهي جيڪا 39 ڊالرن ۾ پري سيل ۾ بک ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته برسبين ۽ سڊني ۾ پاڪستان فين زونز جي ٽڪيٽن جي قيمت 30 ڊالر آهي.هوبارٽ ۾ پاڪستان فينس زون لاءِ ٽڪيٽن جي قيمت 45 ڊالر آهي جيڪا اڳواٽ سيل ۾ $39 ۾ بک ڪري سگهجي ٿي.ٽڪيٽن جو اڳوڻو وڪرو 4 جون کان شروع ٿيندو جنهن لاءِ 3 جون تائين رجسٽريشن لازمي آهي، بغير رجسٽريشن جي ٽڪيٽن جي عام وڪري 14 جون کان شروع ٿيندي.واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم نومبر ۾ آسٽريليا جو دورو ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔