ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، پابندي مڙهيل تنظيم جا 2 دهشتگرد مارجي ويا

پشاور: ڊيره اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا آهن.

پوليس ذريعن موجب لکي مروت ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پابندي مڙهيل تنظيم ٽيپو گل گروپ جا 2 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته سندس ٻيا ساٿي پهاڙن طرف فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان 2 ڪلاشنڪوف، 8 ميگزين، ڪيترائي ڪارتوس ۽ 4 هينڊ گرنيڊ به هٿ آيا آهن.

پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته انٽلييجنس بيسڊ آپريشن ۾ دهشتگردي جي انت واري کاتي جي فورس بنون ريجن ۾ گڏيل طور تي ڪارروائي ڪئي. دهشتگرد پوليس چوڪي عباسيه خٽڪ ۽ ٿاڻي ڊاڊيواله تي حملي جي منصوبه بندي ڪري رهيا هئا. دهشتگردن پوليس فورس تي مخالف طرفان کان گرينڊ حملو ڪيو. فائرنگ جي ڏي وٺ  اڌ ڪلاڪ تائين جاري رهي. آپريشن ۾ مارجي ويل دهشتگردن جا لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ سرائي نورنگ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔