اوپن اي آءِ جي سربراهه پاران دولت فلاحي ڪمن ۾ عطيو ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن : چيٽ جي بي ٽي کي تيار ڪرڻ واري ڪمپني اي آءِ جي شريڪ باني ۽ سي اي او سام آلٽين پنهنجي دولت جو گهڻو حصو فلاحي مقصدن لاءِ خرچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.سام آلٽين ڪجهه وقت پهريان ارب پتي ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ٿيو هو، سام ۽ سندس گرل فرينڊ اوليور ملهيرن گذريل ڏينهن دولت عطيو ڪرڻ واري ڪاغذن تي صحيحون ڪيون.ان پروگرام جي شروعات 2010 ۾ بل گيٽس، ملينڊا فرنچ گيٽس ۽ وارن بفٽ ڪيو هو.انهن ٽنهي طرفان دنيا جي امير ترين ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪئي وئي هئي ته جيئن هو پنهنجي دولت جو گهڻو حصو فلاحي مقصدن لاءِ وقف ڪري سگهن.هونئن ته سام آلٽين اوپن اي آءِ جو سربراهه آهي، پر هو ان جو مالڪ ناهي، هن جي دولت ۾ واڌ جوهري توانائي، بائيو ٽيڪنالاجي ۽ ريئل اسٽيٽ جي شعبن ۾ ڪم ڪرڻ وارين ڪمپنين ۾ ڪيل سيڙپڪاري سان ٿي رهيو آهي.هڪ اندازي موجب هو هاڻي تائين هڪ ارب ڊالرز جو مالڪ آهي، هن کان پهريان مارڪ زڪربرگ ۽ سندس گهر واري، ميڪنزي اسڪاٽ، ايلون مسڪ ۽ ٻيا امير ترين ماڻهو به پنهنجي دولت کي عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔