ڪي اليڪٽرڪ پهرين ڏينهن کان اڄ تائين بي لغام گهوڙو بڻيل آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ پهرين ڏينهن کان اڄ تائين هڪ بي لغام گهوڙو بڻيل آهي، جيڪو آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. بيلنس شيٽ ڪڍو ڏسو ته بجلي فراهم ڪندڙ ادارا ڪيترو منافعو ڪمائي رهيا آهن.

پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، آئين جي ڀڃڪڙي تي قانون حرڪت ۾ ايندو. معاهدي جي تحت ڪي اليڪٽرڪ کي ڪمائي جو هڪ سيڪڙو حصو نيٽ ورڪ وڌائڻ ۽ صحيح ڪرڻ تي خرچ ڪرڻو آهي

هن چيو ته برسات هجي يا گرمي ڪي اليڪٽرڪ جا فيڊر ٽرپ ٿي ويندا آهن. ميٽر ريڊنگ جي بجاءِ صرف اندازن تي بل اماڻيا ويندا آهن. عوام جڏهن بل آفيس ۾ کڻي ويندو آهي ته انهن کي چيو ويندو آهي ته بل گهٽ نه ٿيندو قسطون ڪري سگهون ٿا.

شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ اسيمبلي گذريل ڏينهن بل پاس ڪيو ته بجلي جي فراهمي ڪندڙ ادارا پنهنجو قبلو درست ڪن. بجلي فراهم ڪندڙ ادارن کي اجتماعي سزائون نٿا ڏئي سگهون، اها آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي.

هن چيو ته سنڌ جي ڏوراهين علائقن ۾ 100 گهرن ۾ 10 ڊيفالٽر هجڻ تي پي ايم ٽي لاهي کڻي ويندا آهن. ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو سيپڪو وارا آئين جي سراسر ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن آئين جي ڀڃڪڙي تي قانون حرڪت ۾ ايندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ بل پاس ٿيڻ تي ڪي اليڪٽرڪ طرفان خط لکيو ويو ته حڪومت طرف اسان جا واجبات آهن. اهو نٿو ٿي سگهي ته بجلي فراهمي وارا ادارا پنهنجي لالچ ۽ نااهلي جي سزا غريب عوام کي ڏين. عوام  سخت گرمي سبب تمام گهڻي پريشان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔