اسرائيلي جهازن جي رفح ۾ پناهگيرن جي ڪيمپ تي بمباري، 75 فلسطيني شهيد

غزه: اسرائيلي جهازن جا غزه جي علائقي رفح ۾ پناهگيرن جي ڪيمپ تي خوفناڪ حملي جي نتيجي ۾ 75 فلسطيني سڙي فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترن ئي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري الجزيره موجب اسرائيلي فورسز رفح ۾ رات جي اونداهي ۾ سيف زون ۾  پناهگيرن جي ڪيمپ تل السلطان تي بمباري شروع ڪري ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ 75 فلسطيني شهيد ٿي ويا.  شهيدن ۾ گهڻو انگ عورتن ۽ ٻارن جو شامل آهي. اسرائيل انهي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 9 ميزائل فائر ڪيا جنهن هر طرف تباهي مچائي ڇڏي.

فلسطيني هلال احمر سوسائٽي ٻڌايو ته اهو حملو ايترو خوفناڪ هو جو خيمن ۾ موجود ڪيترائي مانهو زنده سڙي ويا. سڀني کان وڌيڪ ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته انهي علائقي جي اسپتال ايتري وڏي انگ ۾ شهيدن ۽ زخمين کي سنڀالڻ ۽ انهن جي علاج جي به قابل نه آهي ڇو ته اسرائيلي حڪومت غزه ۾ صحت جي نظام کي ڄاڻي واڻي مڪمل طور تي تباهه ۽ برباد ڪري چڪي آهي.

غزه جي سول ڊفينس ٽيمن جي سربراهه ڊاڪٽر محمد المغير ٻڌايو ته اسان لاشن ۽ زخمين کي ٻاهر ڪڍيو ته گهڻيون لاشون سڙي خاڪ ٿي ويون هيون جڏهن ته زخمي پنهنجن عضون کان محروم ٿي ويا هئا. ڪجهه ٻارن جي لاشن جي تمام گهڻي خراب هئي.

هن چيو ته امڪاني طور تي انهي حملي ۾ عالمي طور تي پابندي مڙهيل هٿيارن جو استعمال ٿيو آهي جنهن جي ڪري خيمن ۾ هر طرف خوفناڪ باهه لڳي وئي جنهن هر شيءَ کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته 7 آڪٽوبر کان هينئر تائين غزه تي اسرائيل جي بمباري ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 35.984 ٿي ويو آهي ۽ 80.643 ماڻهو زخمي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔