رياست ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي: پشاور هاءِ ڪورٽ

پشاور: گم ٿي ويل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا آهن ته رياست ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي.

حيات آباد مان الڪوزي خاندان جي گم ٿي ويل ماڻهن جي حوالي سان داخل درخواست تي ٻڌڻي پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اعجاز انور ڪئي جنهن ۾ حيات آباد مان 4 ڀائرن جي اغوا ڪيس جو وڪيل محمد نادر شاهه ۽ ايڊووڪيٽ جنرل شاهه فيصل انمان خيل پيش ٿيا

ٻڌڻي دوران عدالت پوليس طرفان ٺاهيل ڪميٽي جي پروگريس رپورٽ ايندڙ پيشي تي پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

جسٽس اعجاز انور پنهنجي  ريمارڪس ۾ چيو ته اسٽيٽ جيڪڏهن ائين ڪم شروع ڪندي ته پوءِ ماڻهو ڪيڏانهن ويندا، ڪاروباري ماڻهن جي اغوا جي ذميواري سي سي پي او ۽ ايس ايس پي جي آهي اغوا ڪار صرف سهولتڪار آهن اهو معاملو انهن جو گهريلو لڳي ٿو.

ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اسٽيٽ پوليس ڪميٽي ٺاهي آهي، جاچ هلي رهي آهي جنهن تي جسٽس اعجاز انور چيو ته اي جي صاحب ڪڏهن ائين ٿيو آهي ته ڪميٽي ٺهي هجي ۽ مسئلن جو حل نڪتو هجي. جيستائين ايگزيڪٽو آئين تي عمل نه ڪندو هن ملڪ ۾ ائين ٿيندو رهندو. ايجنسيز کي آئين ۽ آئيني ادارن جي اندر رهي ڪم ڪرڻو پوندو.

ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته پوليس معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي معاملو انهن جو اندروني آهي، وڪيل بيرسٽر اويس بابر چيو ته معاملي ۾ هنن جو پنهنجو ڀاءُ ملوث آهي، پوليس جي سرپرستي ۾ ٻُٽ ٻڌل هٿياربندن رات جو 2 وڳي منهنجي ڪلائنٽس کي منهنجي سماهون اغوا ڪيو.

جسٽس اعجاز انور ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اسٽيٽ ڪنهن ماڻهو کي کڻي وڃي ته ماڻهو ڇا ڪندو ۽ ڪيڏانهن ويندو؟ ملڪ ۾ ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ ۾ اسٽيٽ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. خيبرپختونخواهه مان 98 سيڪڙو ڪاروباري ماڻهن ڪاروبار ڇڏي ڏنو آهي جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔