عمران خان جون سموريون سازشون ناڪام ٿي چڪيون آهن، معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي: عطاءُالله تارڙ

اسلام آباد: اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جون سموريون سازشون ناڪام ٿي چڪيون آهن ملڪ جي معيشت هاڻ بهتر ٿي رهي آهي. پي ٽي آءِ باني ملڪ جون بنيادون کوکليون ڪرڻ چاهيون ٿي ان جي هاڻ ڪابه سازش ڪامياب نه ٿيندي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو ته اسان کي امداد نه واپار ۽ سرمائيڪاري گهرجي، وزيراعظم جتي به ويندو آهي اتي ائين چوندو آهي ته اسان ڪشڪول ڀڃڻ چاهيون ٿا، وزيراعظم پرڏيهي ملڪن ۾ وڃي چوندو آهي ته اسان کي خيرات نه سرمائيڪاري گهرجي.

هن چيو ته ايس آءِ ايف سي جي تحت عالمي سرمائيڪارن لاءِ 7 ڊيسڪ قائم ٿيندا. چائنا، يو اي اي، سعودي عرب، قطر، يورپي يونين، آمريڪا ۽ فار ايسٽ کي شامل ڪيو ويو آهي. اسان کي انهن مان تمام گهڻي  مدد ملندي ۽ سرمائيڪاري کي هٿي ملندي. اوهان کي نظر ايندو جلد معاهدن تي صحيحون ٿينديون ۽ ملڪ ۾ سرمائيڪاري ايندي.

وفاقي وزير چيو ته جلد وزيراعظم چين جو دورو ڪندو، آءِ ايم ايف جو وفد به هتي مثبت پريس رليز جاري ڪري ويو آهي، مهانگائي ۾ ڪجهه ڏينهن دوران 17 سيڪڙو جي وڏي لاٿ آئي آهي. ناڻي جا ذخيرا به وڌي رهيا آهن.

هن چيو ته پي آءِ اي جي پرائيويٽائزيشن تيزي سان هلي رهي آهي. معيشت ٽيڪ آف ڪري رهي آهي، ٻئي طرف هڪ پروپيگنڊا جاري آهي، هي چون ٿا ته پي ٽي آءِ باني ناهي ته پاڪستان ناهي، اوهان پنهنجي سياسي مفادن جي ڪري پاڪستان جي مفادن کي داءُ تي لڳايو ٿا. عطاءُالله تارڙ چيو ته هڪ پارٽي طرفان آءِ ايم ايف جي آفيس ٻاهران احتجاج ڪرايا ويا. آءِ ايم ايف کي چيو ويو ته پاڪستان سان تعاون نه ڪريو، اوهان جي اها ڪوشش سڀني جي سامهون آهي، اوهان جي اها سازش به ڪامياب نه وئي.

وفاقي وزير چيو ته جي ايس پي پلس ۽ سائفر جي حوالي سان پي ٽي آءِ باني سازش ڪئي، اوهان ماڻهن جي ميڙ آڏو سائفر جو معاملو اٿاريو، اسان جي دشمنن سائفر تي پروگرام ڪيا، اوهان چيو ته سائفر تي کيڏڻو آهي، ڇا پاڪستان جي سلامتي کيڏڻ لاءِ هوندي آهي.

عطاءُالله تارڙ چيو ته  عمران خان دوستن جا ڏنل تحفا وڪرو ڪيا، هاڻ هو پاڻ کي شيخ مجيب سان ملائي رهيو آهي، ڇا شيخ مجيب به تحفا وڪرو ڪري کائي ويو هو؟ اوهان مظلوميت جو ڊرامو ڪري رهيا آهيو، مظلوم اهو هوندو آهي جنهن بليڪ مارڪيٽ ۾  تحفا وڪرو نه ڪيا هجن.

ليگي اڳواڻ چيو ته سائفر، 190 ملين پائونڊ ۽ توشه خانه جو ڪيس اوهان جي مٿان آهي، 1971ع کي غلط رنگ ۾ پيش ڪيو پيو وڃي  هن وقت به اهي ئي حالتون آهن. اسان جڏهن 2018 ۾ وياسين ته 5.8 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ هئي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ جي ڊي پي گروٿ مائنس ۾ رهي آهي. عمران خان دوست ملڪن سان سفارتي لاڳاپا خراب ڪيا، اوهان گهڙي چوري، فائلن کي ڦيٿا لڳائڻ ۽ سائفر سان کيڏڻ ۾ مصروف هئا، اوهان کي ملڪي معيشت جي پرواهه نه هئي، اڄ اوهان ملڪ کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو، اڄ اوهان پاڻ کي مظلوم چئو ٿا، مظلوميت چوڻ سان ناهي ٿيندي.

وفاقي وزير چيو ته ملڪ ڊيفالٽ ناهي ٿيو هنن جا ارمان ٽٽي ويا، خواب بکرجي ويا، هي فائدا ملڪي سالميت کي داءُ تي لڳائي کڻندا آهن، پاڪستان تي اسان جي جان به قربان، سياستدان ايندا ويندا رهندا آهن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني جي ڪابه سازش ڪامياب نه ٿيندي. هنن کان موجوده حڪومت جون ڪاميابيون هضم نه پيون ٿين، عمران خان ملڪ جون بنيادون کوکليون ڪرڻ چاهي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔