هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0.34 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد: ملڪ ۾ هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي جاري آهي. هڪ هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0.34 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جنهن کان پوءِ هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي سالياني شرح 21.31 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل هفتيوار انگن اکرن موجب هڪ هفتي دوران 18 شيون سستيون ۽ 12 مهانگيون ٿيون. جڏهن ته 21 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل هفتيوار مهانگائي جي رپورٽ موجب هلندڙ هفتي جي دوران ٿوم جي في ڪلو قيمت ۾ 43 روپيه 48 پئسا، ڪڪڙ جي في ڪلو قيمت ۾ 20 روپيه 21 پئسا ۽ اٽي جو 20 ڪلو ٿيلهو وڌيڪ 88 روپيه 89 پئسا سستو ٿيو.گذريل هڪ هفتي جي دوران بصر جي في ڪلو قيمت ۾ 1 روپيه 97 پئسا ۽ آنا في درجن 3 روپيه 53 پئسا سستا ٿيا. اهڙي طرح هڪ هفتي دوران باسپتي چانور، مسور جي دال، مڱن جي دال ۽ ٽماٽا سستا ٿيا، جڏهن ته ايل پي جي گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ به 93 روپيه 12 پئسا گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.شماريات کاتي جي هفتيوار رپورٽ موجب هڪ هفتي ۾ ڳئون جي گوشت جي في ڪلو قيمت ۾ 4 روپيه 62 پئسا، ڏهي في ڪلو 1 روپيه 21 پئسا مهانگا ٿيا. جڏهن ته گرم مصالحا، ڳڙ، چانهه جي پتي ۽ سگريٽ به مهانگيون ٿيندڙ شين ۾ شامل آهن.شماريات کاتي موجب هلندڙ هفتي دوران ڪوڪنگ آئل، بجلي، پيٽروليم مصنوعات سميت 21 شين جون قيمتون مستحڪم رهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔