ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪ_ڀارت ميچ جي ٽڪيٽ جي قيمت 55 لک تائين پهچي وئي

نيويارڪ: آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ_ڀارت ميچ جي ٽڪيٽن جي قميت آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي آهي.

نيويارڪ اسٽيڊيم جي ڊائيمنڊ ڪلپ جي ٽڪيٽ جي اصل قيمت 10 هزار ڊالر آهي پر پاڪ_ڀارت ميچ سبب ٽڪيٽ بليڪ ۾ به وڪرو ٿي رهيون آهن جنهن جي قيمت 20 هزار ڊالر يعني اٽڪل 56 لک پاڪستاني رپين تائين پهچي وئي آهي.

عام اسٽينڊ جي ٽڪيٽ جي قيمت 2 هزار 750 ڊالرز يعني پاڪستاني رپين ۾ اٽڪل پوڻا 8 لک رپين تائين پهچي وئي آهي.

ٻئي پاسي انڊين پريميئر ليگ جي سربراهه للت مودي مهانگي ٽڪيٽن جي وڪرو تي آءِ سي سي کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

للت مودي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل ردعمل ۾ پاڪ-ڀارت ميچ جي ٽڪيٽن جي وڌيڪ قيمت تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته آءِ سي سي جي پاڪ-ڀارت ميچ مان رڳو پئسو ٺاهڻ جي نيت ظاهر ٿي رهي آهي.

للت مودي سوال اٿاريو ته آمريڪا ۾ عالمي ڪپ جو مقصد مداحن جو ڌيان ڪرڪيٽ طرف ڇڪائڻ آهي يا پئسا ٺاهڻ ؟

ياد رهي ته آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جا مقابلا پهرين جون کان شروع ٿيندا، ميگا ايونٽ جو سڀ کان وڏو مقابلو يعني پاڪ ڀارت ميچ 9 جون تي نيويارڪ نسائو ڪائونٽي اسٽيڊيم ۾ شيڊيول آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔