پاڪستان ۾ سون وڌيڪ سستو ٿي ويو

ڪراچي: پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي.

پاڪستان جميز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سموري ملڪ ۾ في تولو سون 200 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 40 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.

اهڙي ريت ڏهه گرام سون 172 رپيا گهٽجڻ بعد 2 لک 5 هزار 761 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قميت پنج ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2333 ڊالرز ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔