اسرائيلي فوج انصاف جي عالمي عدالت جا حڪم ٿڏي ڇڏيا

اسرائيلي فوج انصاف جي عالمي عدالت جا حڪم ٿڏي ڇڏيا، عالمي عدالت پاران فلسطين ۾ فوجي آپريشن روڪڻ جي حڪمن باوجود اسرائيلي فوج جي غزه ۽ رفاح ۾ بمباري جاري

عدالتي فيصلي جي ڪجهه ڪلاڪن بعد اڄ صبح جو اسرائيلي فوج غزه جي پٽي تي بمباري شروع ڪري ڏني

رفاح جي مختلف علائقن تي به بمباري، 4 فلسطيني شهيد، اسرائيلي فوج ۽ حماس وچ ۾ چڪريون، گذريل ڏينهن انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس اسرائيل کي غزه ۽ رفاح ۾ فوجي ڪارروائيون بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

اسرائيلي جنگي ڪابينا جي وزير بيني گينٽز جو چوڻ آهي ته حماس پاران يرغمال بڻايل اسرائيلي شهرين جي بازيابيءَ تائين غزه ۽ رفاح ۾ حملا جاري رکيا ويندا

اسرائيل عالمي عدالت جي حڪم کي چڙ ڏياريندڙ ۽ نفرت انگيز قرار ڏئي ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔