گرمي جي شدت برقرار، دادو ۽ موهن جو دڙو ۾ گرمي پد 50 تي پهچي ويو

ڪراچي: سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ سخت گرمي سبب شهري نڊهال ٿي ويا آهن. دادو ۽ موهن جو دڙو ۾ گرمي پد 50 سينٽي گريڊ تي پهچي ويو آهي.موسميات کاتي موجب اڄ دادو ۽ موهن جو دڙو ۾ گرمي پد 50 سينٽي گريڊ رهيو جنهن سان اهي ملڪ جا گرم ترين شهر رهيا. جڏهن ته سکر، نوابشاهه ۽ سبي ۾ گرمي پد 48 رهيو.ڊيره غازي خان ۾ 47، سرگودها، بهاوالپور ۽ ڊيره اسماعيل خان 46، حيدرآباد، تربت، نوڪنڊي، فيصل آباد، ملتان ۽ ساهيوال 45، بنون 43، اٽڪ ۽ چڪوال ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.لاهور ۾ 39 ڊگري ، ڪراچي ۾ 36 ڊگري، اسلام آباد ۾ 38، پشاور ۾ 38 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي رڪارڊ ڪئي وئي.موسميات کاتي مٿانهين خيبرپختونخواهه، پوٽهوهار، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي کنوڻ سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔