ڪراچي ۾ 10 ڏينهن دوران هيٽ اسٽروڪ جا 100 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

ڪراچي: ڪراچي ۾ گذريل 10 ڏينهن ۾ گرمي جي شدت وڌڻ سبب هيٽ اسٽروڪ جا 100 کان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

رپورٽ موجب انچارج هيٽ اسٽروڪ ڊاڪٽر عرفان صديقي ٻڌايو ته جناح اسپتال ڪراچي ۾ گذريل 10 ڏينهن ۾ 80 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. جڏهن ته سول اسپتال ڪراچي ۾ 50 کان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

هن چيو ته شهر ۾ گرمي جي شدت ۾ اضافي سبب گيسٽرو جا ڪيس وڌي رهيا آهن. گذريل ڏينهن گيسٽرو جا 30 کان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ ٿيا. جڏهن ته اهي ڪيسز ڏينهن جو 12 وڳي کان شام 5 وڳي جي وچ ۾ رپورٽ ٿيا آهن.

ڊاڪٽر عرفان صديقي وڌيڪ چيو ته هيٽ اسٽروڪ مان متاثر وڌيڪ مريض مزدور طبقو آهي يا پوءِ ٻاهر ڪم ڪندڙ مزدور آهن.  

ياد رهي ته سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ سخت گرمي کي نظر ۾ رکندي موسميات کاتي 19 مئي تي هيٽ ويو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو هو جنهن  موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 21 کان 27 مئي تائين هيٽ ويو وڌڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي جنهن کان پوءِ ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي حفاظتي قدمن بابت ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي هئي.

جاري ڪيل ايڊوائزري موجب 21 کان 23 مئي تي ڏينهن جي وقت گرمي پد تقريبن 35 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته 23 کان 27 مئي جي وچ ۾ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔