آءِ فون 16 جو ڪيمرا ٻين ماڊلز کان ڪيترو مختلف هوندو؟

ايپل جي نئين ماڊل آءِ فون 16 سيريز جا فونز سيپٽمبر ۾ متعارف ڪرائي وڃڻ جا امڪان آهن.
هڪ نئين رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آءِ فون 16 پرو ۽ 16 پروميڪس جي ڪيمرا سسٽم ۾ نمايان اپگريڊ ڪيو پيو وڃي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته آءِ فون 15 پروميڪس ۾ 12 ميگا پڪسل بجاءِ 48 ميگا پڪسل جو الٽرا وائيڊ ڪيمرا موجود هوندو.
اهڙي ريت فون جي مين ڪيمري لاءِ به پهرين کان بهتر سنسر استعمال ڪيو ويندو، پر اهو 15 پروميڪس جهڙو 48 ميگا پڪسل ئي هوندو.
فون جي ٽئين 12 ميگا پڪسل ٽيلي فوٽو ڪيمرا ۾ ڪا به اپڊيٽ نه پئي ڪئي وڃي.
آءِ فون 16 جي ڪيمرا سسٽم ۾ به 2 اپگريڊز ڪيا پيا وڃن.
ان ماڊل ۾ به 48 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ڪيمري جو اضافو ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ٽيلي فوٽو ڪيمري کي به بهتر بڻايو پيو وڃي.
نئين ماڊل ۾ موجود ٽيلي فوٽو ڪيمري سان فائيو ايڪس زوم ڪرڻ ممڪن هوندو، جيڪو ٻين ماڊلز ۾ ممڪن ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔