انسٽاگرام ۾ واٽس ايپ جي ويو ونس جهڙو فيچر متعارف

واشنگٽن :ميٽا طرفان انسٽاگرام تي هڪ نئين فيچر کي متعارف ڪرايو پيو وڃي. اهو فيچر واٽس ايپ جي ويو ونس سان ملندڙ جلندڙ آهي، جنهن ۾ ميسيج کي هڪ ڀيرو ئي ڏسي سگهجي ٿو. انسٽاگرام ۾ اهو فيچر ٿورڙو مختلف هوندو، ان ذريعي اهڙين تصويرن کي ئي پوسٽ ڪري سگهبو، جيڪي ايڊٽ ٿيل نه هجن واٽس ايپ جو ويو ونس فيچر به اسنيپ چيٽ جي هڪ فيچر جي ڪاپي هو، جنهن ذريعي اهڙي مواد کي شيئر ڪيو ويندو آهي جيڪو ڀيرو ڏسڻ بعد پاڻ ئي مٽجي ويندو آهي. ڪمپني طرفان تصديق ڪئي وئي آهي ته ان فيچر جي آزمائش اڃا اندروني طور تي ڪئي پئي وڃي ۽ اهو اسٽوريز کان الڳ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔