پاڪستاني هاڪي ٽيم کي اڄ يورپ جي ويزا ملڻ جا امڪان

لاهور:پاڪستان هاڪي ٽيم کي اڄ يورپ جي ويزا ملڻ جو امڪان آهي پر هالينڊ سان شيڊول ميچ دير سبب متاثر ٿي سگهي ٿي.ذريعن موجب شينگن ويزا نه ملڻ سبب پاڪستان هاڪي ٽيم جي روانگي ۾ دير ٿي رهي آهي، جنهن سبب پاڪستان ۽ هالينڊ وچ ۾ 22 مئي تي کيڏي ويندڙ ميچ به متاثر ٿي سگهي ٿي.ان سلسلي ۾ پاڪستان هاڪي فيڊريشن پراميد آهي ته ويزا منجهند يا شام تائين حاصل ڪري سگهجي ٿي.قومي ٽيم کي 20 مئي تي يورپ روانو ٿيڻو هو، جتي هاڪي ٽيم هڪ هفتو هالينڊ ۾ پريڪٽس سيشن ۽ ميچز کيڏندي.بعد ۾ قومي ٽيم هالينڊ روانو ٿي ويندي جتي نيشنز ڪپ 31 مئي کان شروع ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔