ووٽ نه ڏيندڙن کي سزا ملڻ گهرجي: پريش راول

ممبئي : بالي ووڊ جي مشهور اداڪار پريش راول ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ووٽ نه ڏيڻ وارن کي سزا ڏني وڃي.ڀارت ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي اليڪشن ٿي رهي آهي ۽ ان ڪري ملڪ جا مشهور فلمي ستارا پنهنجي مداحن کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪندي نظر اچي رهيا آهن جن ۾ سلمان خان، شاهه رخ خان ۽ اڪشي ڪمار سميت ٻيا ڪيترائي اداڪار شامل آهن.گذريل ڏينهن ڀارتي اداڪار پريش راول ممبئي ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ووٽنگ جي اهميت بابت ڳالهايو.هن چيو ته ماڻهن کي شڪايت آهي ته حڪومت ڪم نه ڪري رهي آهي، اڄ جيڪڏهن ووٽ نه ڏنا ويا ته هن ملڪ جي صورتحال جو ذميوار عوام پاڻ نه هوندو.پريش راول جو وڌيڪ چوڻ هو ته ووٽ نه ڏيڻ وارن جي خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي وڃي يا ته ٽيڪس وڌائي يا کين ڪا سزا ڏني وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔