هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيل ايراني صدر سميت ٻين اختيارين جي جنازي نماز اڄ ادا ڪئي ويندي

تهران: گذريل ڏينهن هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيل ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير امير عبدالهيان سميت ٻين اختيارين جي جنازي نماز اڄ تبريز شهر ۾ ادا ڪئي ويندي.

ايران جي سرڪاري ميڊيا حادثي جو سبب هيليڪاپٽر ۾ ٽيڪنيڪي خرابي کي قرار ڏيندي ٻڌايو ته جهنگ ۽ جابلو علائقي ۾ هيليڪاپٽر جو ملبو ايراني ڊرونز ڳولا ڪيو هو

مشهد ۽ قم سميت مختلف شهرن ۾ ابراهيم رئيسي جي وفات تي شهري ڏکويل آهن. ايران ۾ قومي سانحي تي اڄ کان پنجن ڏينهن تائين يوم سوگ ملهايو ويندو.

ٻئي طرف نائب صدر محمد مخير صدارتي ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. جڏهن ته ايران جي  علي باقر ڪٽي کي وقتي پرڏيهي وزير مقرر ڪيو ويو آهي.

مقرر ڪيل وقتي صدر ايندڙ 50 ڏينهن ۾ صدارتي چونڊون ڪرائيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔