اوگرا گيس جون قيمتون 10 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

لاهور: اوگرا گيس جي قيمتن ۾ 10 سيڪڙو تائين گهٽ ڪندي مالي سال 2024-25 جي لاءِ سوئي ڪمپنين جون ضرورتون به طئي ڪري ڇڏيون آهن.

آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) مالي سال 2024-25 جي لاءِ سوئي ڪمپنين جي آمدني جي ضرورت کي آڏو رکندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب ايس اين جي پي ايل لاءِ گيس جي تجويز ڪيل قيمت في ايم ايم بي ٽي يو 1635.90 روپيه آهي. في ايم ايم بي ٽي يو جي قيمت ۾ 10 سيڪڙو يعني 179.17 روپيه گهٽ  ٿي.

گذريل سال جي شارٽ فال جو مالي اثر ايس اين جي پي ايل جي دعويٰ موجب 862.612 ملين في پٽيشن جڏهن ته اوگرا جي حساب سان 580.585 ملين روپيه بڻجي ٿي جيڪا مناسب پاليسي فيصلي جي لاءِ وفاقي حڪومت ڏانهن اماڻي وئي آهي.

اهڙي طرح ايس ايس جي سي ايل جي لاءِ تجويز ڪيل قيمت 1401.25 روپيه جڏهن مقرر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ في ايم ايم بي ٽي يو قيمت ۾ 59.23 روپيه يعني 4 سيڪڙو گهٽ ڪئي وئي آهي.

وفاقي حڪومت سان ڪيٽيگري جي لحاظ سان وڪرو جي قيمتن جي حوالي سان مشاورت جي درخواست ڪئي وئي آهي. وفاقي حڪومت جي مشوري موجب ڪنهن به نظرثاني جو نوٽيفڪيشن اوگرا طرفان جاري ڪيو ويندو. هن وقت تائين موجوده زمري جي حوالي سان قدرتي گيس جي وڪرو جون قيمتون برقرار رهنديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔