ڪڻڪ اسڪينڊل جا ذميوار ملي ويا،ڪاروائي جي منظوري

اسلام آباد: نگران حڪومت دوران اضافي ڪڻڪ درآمد ڪرڻ واري اسڪينڊل جي ذميوارن جو تعين ڪيو ويو آهي.حڪومتي ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف انڪوائري ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جي روشني ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزارت جي 4 آفيسرن جي معطلي جي به منظوري ڏني وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري نيشنل فوڊ سيڪيورٽي محمد آصف خلاف باضابطه ڪارروائي جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته اڳوڻي ڊي جي پلانٽ پروٽيڪشن اي ڊي عابد جي معطلي جي منظوري ڏني وئي آهي.ذريعن موجب فوڊ سيڪيورٽي ڪمشنر ون ڊاڪٽر وسيم ۽ ڊائريڪٽر سهيل کي به معطل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ذميوار آفيسرن تي ناقص پلاننگ ۽ لاپرواهي جو الزام لڳايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔