اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران نان فائلرز جون سمون بلاڪ نه ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومت کي ٽيڪس نان فائلرز جون موبائل فون سمون بلاڪ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق نان فائلرز جون موبائل سمون بلاڪ ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف موبائيل فون ڪمپني جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس موبائل فون ڪمپني جي درخواست تي 27 مئي تائين حڪم نامو جاري ڪندي حڪومت کي نان فائلز جي موبائل فون سمز بلاڪ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.واضح رهي ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۽ ٽيلي ڪام آپريٽرز وچ ۾ سڄي ملڪ ۾ نان فائلرز جون سمز بلاڪ ڪرڻ واري معاملي تي معاهدو ٿي ويو آهي، جنهن تحت نان فائلرز جون سمز بلاڪ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. 10 مئي کان شروع ڪيو ويو..ايف بي آر موجب 10 مئي تي ٽيلي ڪام آپريٽرز کي 5 هزار نان فائلرز جون سم بلاڪ ڪرڻ جا تفصيل فراهم ڪيا ويا هئا.ايف بي آر اختيارين موجب ٽيلي ڪام آپريٽرز ننڍي بيچز ۾ سمز کي دستي طور بلاڪ ڪرڻ تي راضي ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔