پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج، انڊيڪس 74 هزار کان وڌي ويو

ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس اڄ 74 هزار جي سطح عبور ڪري ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 453 پوائنٽن جي واڌ سان 74 هزار 229 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 73 هزار 799 پوائنٽس تي بند ٿيو.ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر 10 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 10 پئسا مهانگو ٿي 278 رپيا 30 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 20 پيسا تي هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔