پيرس اولمپڪس ۾ بهترين ڪارڪردگي جو هدف آهي: ارشد نديم

لاھور :اولمپئن ارشد نديم جو چوڻ آهي ته ڏکڻ آفريڪا ۾ سندس آئوٽ ڊور ٽريننگ شاندار هئي ۽ هاڻي سندس مقصد پيرس اولمپڪس ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ آهي.اولمپئن جيولن اڇلائيندڙ ارشد نديم ڏکڻ آفريڪا ۾ 5 هفتن جي آئوٽ ڊور ٽريننگ مڪمل ڪئي جنهن دوران هن پنهنجي طاقتور ٿرو تي ڪم ڪيو.ارشد نديم جو چوڻ هو ته آئوٽ ڊور سيشن شاندار رهيا ۽ ٿرو به بهتر ٿيو آهي، ڪوچ ٽرسيس ليبنبرگ ٽيڪنڪ کي بهتر بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي فٽنيس جي حوالي سان اڳ کان گهڻو بهتر محسوس ڪري رهيو آهيان.هن وڌيڪ چيو ته مان مڪمل تال ۾ آهيان ۽ هاڻي فرق عالمي مقابلن ۾ نظر ايندو، منهنجو مقصد پيرس اولمپڪس ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ آهي. ارشد نديم ٻن انڊور سيشن کانپوءِ ايندڙ هفتي وطن واپس ايندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔