ايران ۾ مشهور ڊائريڪٽر محمد رسولوف کي 8 سال قيد ۽ ڪوڙا هڻڻ جي سزا

تحران : ايران ۾ عدالت مشهور ايراني ڊائريڪٽر محمد رسولوف کي 8 سال قيد، ڪوڙا ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.پرڏيهي ميڊيا موجب ايراني هدايتڪار جي نئين فلم ڪانز فلم فيسٽيول ۾ شامل ڪئي ويندي.رپورٽن مطابق ايراني ڊائريڪٽر محمد رسولوف جي وڪيل جو چوڻ آهي ته عدالت کيس قومي سلامتي جي ڏوهه ۾ سزا ٻڌائي ۽ سندس ملڪيت ضبط ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ وڪيل چيو ته عدالت رسولوف جي فلمن ۽ ڊاڪيومينٽريز کي قومي سلامتي خلاف ڀڙڪائڻ ۽ ڏوهه ڪرڻ جو مثال قرار ڏنو.پرڏيهي ميڊيا موجب ايراني هدايتڪار جي نئين فلم رليز ٿيڻ کان اڳ کيس ۽ سندس پروڊڪشن ٽيم کي حڪومت جي دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پيو.ايراني ڊائريڪٽر جي وڪيل گذريل هفتي الزام لڳايو ته ايراني اختيارين ڪجهه اداڪارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ کين ملڪ ڇڏڻ کان روڪيو.هن اهو پڻ لکيو ته اهو واضح ناهي ته ڇا رسولوف پنهنجي فلم جي اسڪريننگ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪانز فلم فيسٽيول ۾ شرڪت ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔