سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان حڪومت ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت کان محروم ٿي وئي: بئرسٽرگوهر

: پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل  ڏيندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان حڪومت ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت کان محروم ٿي وئي

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئرسٽر گوهر چيو ته اسان جون 78 سيٽون ٻين جماعتن کي ڏنيون ويون، مخصوص سيٽن بابت اڄوڪي عدالتي فيصلي جو ڳالهين سان ڪو به تعلق نه آهي

هن چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ اهو به چيو آهي ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ پي ٽي آءِ جي سيٽن تي قبضو ڪري ويٺل 78 ميمبر آئنده ڪنهن به قانونسازي ۾ حصو نه وٺن

هن چيو ته اسان جون في الحال ڪنهن سان به ڳالهيون نه پيون هلن، سپريم ڪورٽ جي هن فيصلي جو ڳالهين سان ڪو به تعلق نه آهي

آئيني ماهرن موجب عدالتي فيصلي سان حڪمران اتحاد جي قومي اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت به معطل ٿي وئي، حڪمران اتحاد هاڻي چيف جسٽس ۽ ججز جي مقرري بابت ڪي به آئيني ترميمون نه ڪري سگهندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔