پاڪستان کي معاشي طور تي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا: سعودي نائب وزير

اسلام آباد: سعودي نائب سرمائيڪاري واري وزير ابراهيم بن يوسف المبارڪ چيو آهي ته سعودي عرب پاڪستان کي سرمائيڪاري لاءِ انتهائي اهم سمجهي ٿو ۽ اسان پاڪستان کي معاشي طور تي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سعودي نائب  سرمائيڪاري واري وزير ابراهيم بن يوسف المبارڪ چيو آهي ته

ابراهيم بن يوسف المبارڪ چيو ته وڏي تعداد ۾ پاڪستاني سعودي عرب جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ سعودي عرب پاڪستان کي سرمائيڪاري لاءِ انتهائي اهم ملڪ سمجهي ٿو

سعودي وزير چيو ته سعودي عرب پاڪستان کي معاشي طور تي مضبوط ڏسڻ چاهي ٿو، سعودي سرمائيڪار پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سرمائيڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿا.

هن چيو ته پاڪستان اچي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، اسان جو دورو پاڪستان جي گذريل دوري جي ڪڙي آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ گهڻي ڀائيواري جو امڪان آهي.

سعودي وزير چيو ته سعودي حڪومت ۽ ڪمپنيون سرمائيڪاري لاءِ پاڪستان کي ترجيح ڏئي رهيون آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته ٻنهي ملڪن جو واپار هڪ ٻئي سان جڙيل هجي اهو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جا موقعا فراهم ڪندو.

ابراهيم بن يوسف المبارڪ چيو ته  ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا بهتر بنائڻ جي لاءِ ڪمرشل سرمائيڪاري هڪ مضبوط ذريعو آهي ٻنهي ملڪن وچ ۾ نجي، سرڪاري شعبي ۾ ڀائيواري کي بلندين تائين کڻي وڃڻ چاهيون ٿا.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن سعودي عرب جو 50 رڪني وفد پاڪستان پهتو هو، سعودي وفد پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سرمائيڪاري جي موقعن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندو ۽ پوءِ پاڪستان جو واپاري وفد به سعودي عرب ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔