پاڪستاني نوجوان سعودي ڪمپنين سان ملي ننڍا ڪاروبار شروع ڪن: وفاقي وزير

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزيرن چيو آهي ته پاڪستاني نوجوان سعودي ڪمپنين سان ملي ننڍو ڪاروبار شروع ڪندا  پاڪستان جي حڪومت ڪاروبار وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن عطاءُالله تارڙ، ڄام ڪمال ۽ مصدق ملڪ سعودي سرمائيڪاري جي حوالي سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ چيوته سعودي واپاري وفد پاڪستان جي اهم دوري تي آهي. پاڪستان جي سرمائيڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي به واپار ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جو موقعو ملندو. سعودي عرب جي سرمائيڪاري سان نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملندا.

هن چيو ته 30 کان 35 سعودي ڪمپنين جا نمائندا پاڪستان آيل آهن. پاڪستاني ۽ سعودي ڪمپنيون پاڻ ۾ ملي عالمي سطح تي پنهنجي ڪاروبار کي وڌائڻ تي ڳالهيون ڪري رهيا آهن. اسان ملڪ مان مايوسي جو خاتمو چاهيون ٿا. اسان جي ملڪ جا نوجوان سعودي ڪمپنين سان ملي ننڍا ڪاروبار شروع ڪندا. اسان مدد نه واپار ۽ ڪاروبار چاهيون ٿا. پهريان مدد جون ڳالهيون ڪيون وينديون هيون،  هاڻ ڪاروبار جون ڳالهيون ڪيون وڃن  ٿيون.

مصدق ملڪ چيو ته اڄ سعودي عرب جا ڪاروباري ماڻهو پاڪستان ۾ موجود آهن ۽ پاڪستاني ڪمپنين سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن ان جي نتيجي ۾ بهتر نتيجا سامهون ايندا. پهريان حڪومت سان حڪومت جا  معاهدا ٿيا، هاڻ واپار سان واپار بابت معاهدا ٿيندا.  

وفاقي وزير ڄام ڪمال چيو ته حڪومت پرڏيهي سرمائيڪارن کي سهولتون ڏيندي. سعودي عرب جا واپاري پاڪستان جي معيشت ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيا آهن. ڪيترائي سعودي سرمائيڪار نجي حيثيت ۾ به پاڪستان پهچي چڪا آهن. مختلف مرحلن ۾ سعودي واپاري پاڪستان ۾ سرمائيڪاري ڪندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔