ٽانڪ ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا

ٽانڪ ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ٽانڪ ضلعي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو

 آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا،آپريشن 28 ۽ 29 اپريل جي وچ تي ڪيو ويو، مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو

مارجي ويل دهشتگرد ڪيترين ئي  ڪاررواين ۾ ملوث هئا، مقامي ماڻهن سڪيورٽي فورسز جي آپريشن کي ساراهيو، سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔