اي ايس پي شهربانو شادي ڪري ڇڏي، تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل

اي ايس پي سيده شهربانو نقوي جي ميندي ۽ شادي جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ لڳيون

هلندڙ سال 25 فيبروري تي لاهور جي علائقي اچهره ۾ عرب لفظ لکيل لباس پهريل عورت کي ايس ڊي پي او گلبرگ لاهور اي ايس پي شهربانو نقوي پنهنجي جان خطري ۾ وجهي مڇريل ماڻهن کان بچايو هو

شهربانو سوشل ميڊيا تي ان ڏينهن کان مشهور ٿي وئي ۽ اها بحث جو موضوع بڻيل آهي، تازو ان جي شادي جي تقريب ٿي جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا جي زينت بڻيل آهن

شهربانو جي شادي اشتر نقوي نالي شخص سان ٿي آهي، ان جي ميندي جون تصويرون فوٽو گرافر شيئر ڪيون ۽ گڏ ئي ميڪ اپ آرٽسٽ به عورت پوليس آفيسر جون وڊيوز پوسٽ ڪيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔