ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت دنگل

نيويارڪ : آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع ۾ پاڪ-ڀارت ٽاڪري جي حوالي سان هنيئر کان اڳڪٿيون ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، جڏهن ته ميچ نوَ جون تي نيويارڪ ۾ کيڏي ويندي.
سڀ کان اهم سوال اِهو آهي ته پاڪ-ڀارت ميچ جي پِچ ڪيئن هوندي؟ ڇو ته نيويارڪ ۾ اسٽيڊيم عارضي طور تي تيار ڪيو ويو آهي ۽ ان سطح جا مقابلا پهريون ڀيرو ٿي رهيا آهن.
ذريعن موجب، پاڪ-ڀارت مقابلي لاءِ نسائو ڪائونٽي اسٽيڊيم نيويارڪ ۾ ايڊيليڊ جهڙي وڪيٽ هوندي، نسائو ڪائونٽي اسٽيڊيم عالمي ڪپ لاءِ خاص طور تي تيار ڪيو ويو آهي.
آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته عارضي اسٽيڊيم ٺاهڻ لاءِ وڏن چئلينجز جو منهن ڏسڻو پيو، نيويارڪ ۾ رڪارڊ برساتن ۽ رت ڄمائيندڙ ٿڌ سبب اسٽيڊيم جو اڏاوتي ڪم سخت متاثر ٿيو.
آمريڪي اختيارين موجب، عارضي اسٽيڊيم جو خيال اولمپڪ گيمز گولف ڪورسز فارمولا مان ورتو ويو، هي اِهو ئي انفراسٽرڪچر آهي جيڪو انهن ايونٽن ۾ استعمال ٿيندو آهي، پچ جي تياريءَ ۾ ايڊيليڊ جي ماهر ڪيوريٽر ڊيمين هاف جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن.
ڊراپ ان پچز کي فلوريڊا جي گرم موسم ۾ تيار ڪيو ويو آهي، ايونٽ ويجهو ايندي ئي پچز فلوريڊا کان نيويارڪ پهچايون وينديون.
سي اي او ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ بريٽ جونز چيو ته پچز ميلبورن ۽ ايڊيليڊ جهڙيون هونديون، ڊيمين جي تجربي تي سندس ٿورائتا آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اِهي پچز به بلڪل اهڙيون ئي هونديون جهڙيون ڊيمين هاف تيار ڪندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔