آمريڪا، پاڪستان کي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام لاءِ اوزار فراهم ڪندڙ ڪمپنين تي پابندي مڙهي ڇڏي

واشنگٽن : آمريڪا پاڪستان کي اوزار وڪرو ڪندڙ چئن پرڏيهي ڪمپنين تي پابندي مڙهي ڇڏي.
آمريڪا طرفان جن ڪمپنين تي پابندي لڳائي وئي آهي تن ۾ چين جون 3 ۽ بيلاروس جي 1 ڪمپني شامل آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اِهي ڪمپنيون پاڪستان جي بئلسٽڪ ميزائل پروگرام لاءِ اوزار فراهم ڪنديون آهن.
آمريڪي پابندي تي ردعمل ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته تازن آمريڪي قدمن بابت تفصيل بابت پتو ناهي، پهريان به پاڪستاني ميزائل پروگرام بابت الزامن تي ثبوتن کانسواءِ تجارتي ادارن جون فهرستون سامهون آيون آهن، ماضيءَ ۾ رڳو شڪ جي بنياد تي فهرستون ٺاهيون ويون هيون.
ترجمان جو چوڻ هوته ڪيئي ڀيرا نشاندهي ڪئي آهي ته اهڙين شين جو جائز ۽ سويلين تجارتي استعمال ٿيندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔