قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي : سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار شجاعت علي خان پيپلز پارٽي جي قادر پٽيل جي ڪاميابي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو شجاعت علي خان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته فارم 45 موجب مان 22 هزار کان وڌيڪ ووٽن جي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو آهيان،درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته فارم 47 موجب پ پ اميدوار قادرپٽيل کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، ڌانڌلي جي جاچ ڪرائي وڃي، قادر پٽيل جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي،سنڌ هاءِ ڪورٽ قادر پٽيل، اليڪشن ڪميشن، رٽرننگ آفيسر ۽ ٻين کي 7مئي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔